صغران بي بي

صغران، بي بي: مشهور تعليمدان بي بي صغران 2 فيبروري 1918ع تي غلام علي شاهه بخاريءَ جي گهر، ابراهيم شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بي بي صغران کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ، لکڻ جو شوق هوندو هو. جيڪو کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ پُڦيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. سندس ڏاڏي ‘بي بي ڀاڳل’ 1891ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان صوبي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت جي حيثيت سان ٽيچرس ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ تاريخ جو حصو بڻي. سندس پُڦي ‘بي بي ڦاپل’ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار ووميين حيدرآباد جي پهرين مسلم هاسٽل ميٽرن جي حيثيت سان ڪم ڪيو. پنهنجي گهر ۾ علمي ماحول ڏسي کيس به پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. بي بي صغران پنهنجي سموري تعليم ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1936ع ۾ بابا هاشم خواجا جي اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان ٻن سالن جو ٽيچرس ٽريننگ جو ڪورس ڪيائين ۽ هن ڪورس ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ٻيهر وري بابا هاشم جي اسڪول ۾ واپس وڃي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين.بي بي صغران هڪ محنتي ۽ ذهين استاد هُئي، کيس ڇوڪرين/ ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس شوق ڏسي بابا هاشم کيس پنهنجي ڌيءَ بڻايو ۽ اسڪول جو انچارج به مقرر ڪيو. ان دوران بي بي صغران جي محنت ۽ ذهانت جي شهرت ٿيڻ لڳي ۽ کيس شهر جي ٻين بهترين اسڪولن مان به نوڪري جون آڇون اچڻ لڳيون، بي بي صاحبه سنڌي گرامر ۽ رياضيءَ ۾ مڪمل عبور رکندي هئي، کيس مختلف هنرن ۾ به مهارت حاصل هئي. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهندي، بي بي صغران خواجه ڪميونٽي جي ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان سينگاريو. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهڻ دوران بي بي صغران کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (زنانه) حيدرآباد جي انتظاميه حسابن جي ماهر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، بي بي صاحبه انهيءَ آڇ کي موٽ ڏيندي 17 آڪٽوبر 1941ع کان مئي 1942ع تائين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪم ڪيو. ان کانپوءِ وري بابا هاشم خواجه جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي جاري رکيائين. هڪ ڀيرو ٻيهر وري کيس ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج (وومين) ۾ 30 جولاءِ 1942ع ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ کيس پگهار 30 رپيا ۽ 5 رپيا پي. ايم الائونس ڏنو ويو. هوءَ نصابي سرگرميين کانسواءِ هم نصابي سرگرميين ۾ پڻ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪندي هئي. هن ڪيترائي تقريري مقابلا، ڊراما، سبڻ ڀرت جا مقابلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا. بي بي صاحبه پنهنجي پيشه وراڻي زندگيءَ ۾ به تربيت ۽ تعليم حاصل ڪندي رهي، جڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو مضمون لازمي ڪيو ويو ته هوءَ به امتحان ۾ ويٺي. ان کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ گرلز گائيڊ ‘بلو برڊ’ جي نالي سان شروع ٿي ته ٽريننگ حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين کي سکيا ڏيندي رهي. آپا بي بي صغران 1966ع ۾ پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل ٽريننگ پروگرام ۾ حصو ورتو. اڄ به سندس شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي عزت ۽ احترام سان سندس نالو وٺندا آهن. سندس شاگردن/ شاگردياڻين ملڪي سطح تي وڏو نالو ڪمايو، جن ۾ اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ هاڻي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم. پي. اي مهتاب اڪبر راشدي، نامور فنڪاره روبينا قريشي، سياستدان بيگم گلزار انڙ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس ويجهن واسطيدارن ۾ تعليمي ماهر دادي ليلاوتي، آپا عزيزه، احسان علي شاهه رضوي، آپا غلام فاطمه پنهور، جيجي زرينه بلوچ، آپا سڪينه چنا، آپا زينت ۽ دادي دولي چند شامل رهيون.بي بي صغران هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان به ڪم ڪيو، کيس ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايتري دلچسپي هُئي جو پاڻ غريب ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي ڇوڪرين جي والدين کي نياڻين جي تعليم ڏيارڻ تي راضي ڪندي هئي. غريب ڇوڪرين کي پنهنجن پئسن سان داخلا ڏياريندي هُئي، ڪيتريون ئي غريب ڇوڪريون بي بي صغران جي مالي امداد سان تعليم يافته بڻيون ۽ باعزت روزگار حاصل ڪيو. آپا بي بي صغران جي شادي 1942ع ۾ سنڌ جي مشهور خاندان سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي پڙپوٽي سيد ثابت علي شاهه (ثالث)سان ٿي جيڪو پڻ سرڪاري ملازم هو. سندس اولاد به تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس وڏي ڌيءَبي بي روشن اختر رضوي، بي بي شيرين رضوي، بدر النساءَ رضوي ۽ پروفيسر اعجاز علي رضوي پڻ تعليم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان کانسواءِ سندس ڀينرون بي بي خديجه ۽ بي بي ممتاز بخاري پڻ تعليم جي شعبي سان وابسته رهيون. بي بي صاحبه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي هيڊمسٽريس جي عهدي تي ترقي حاصل ڪئي. 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ فيميل سپروائيزر بڻي ۽ اُتان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. بي بي صاحبه 27 سيپٽمبر 1991ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.02.02  عيسوي

بي بي صغران 2 فيبروري 1918ع تي غلام علي شاهه بخاريءَ جي گهر، ابراهيم شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1991.09.27  عيسوي

بي بي صغران 27 سيپٽمبر 1991ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رئيس محمد اسحاق خان گبول
صالح بن عبدالرحمــٰن
قمرالدين چانڊيو
شير خواجه
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
اي بي آڏواڻي
عـبدالغـنـي شهـيـد
شيخ محمد اسلم 1
شهاب الدين ملا
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون